وِنگو بابت
معنيٰ
ڏِنگو، ٽيڙو، ڦِڏو، مُڙيل، آڏو، چِٻو. خراب، ڏکيو، تڪليف وارو.
Crooked, of crooked disposition.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَري مَ ميھارُ، وَٿاڻُ وِلِهو مَ ٿِئي، وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ، ساھَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکي…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ پاڙيچِي سارَ، آئُون جَا ويندِي مُلِ ميھارَ، آڻي ڪِيرَ کوڙِئا، سانڀارَ سَنگهارَ، گهَرِ گهَرِ گِلا…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڏُونگَرَ ۾ ڏَھڪارُ، موٽَڻُ مَيَنَ جو مَسَ ٿِئي، وِندُرَ ۾ واڪو سُڻِي، ڀِري مانَ ڀَتارُ، ھوتَ نَہ وِنگو وارُ، آئُون…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ڪوئِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، ڪوئِي جَبَلُ جهاڳِيان، پَھچان وو پَھچان شالَ پِرِيَنِ کي، ڀَڳو ڀيرِيان نَہ ڀِري، چَرَکي لَڳَڙي ڪا، واڍي…[ سُر حسيني - وايون ]
- مَڻِيي مَٿي موھِجِي، چَرِئو چِتُ ٿِئوءِ، ھارِي ڪِنِيءَ ھوڏَ کان، ڪَڄاڙو سَرِئوءِ، اَڳَهِين اَنگُ وِنگوءِ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- سَرَ ۾ پَکِي ھيڪِڙو، پاريڙِنِ پَنجاھُ، رَکي جَنِ اللهُ، وارُ نَہ وِنگو تَنِ جو.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]