وِماسَ بابت
معنيٰ
ڳڻتي، فڪر، چنتا، ويچار، غور، سوچ، پريشاني، حيراني. ڳڻ ڳوت.
Concern, thought, worry, worrisome, anxiety.
بيتن ۽ وائين ۾
- لَھِرِيين لَکَ لِباسَ، پاڻِيءَ پَسَڻُ ھيڪِڙو، اُونِهي ھِنَ عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ، جِتِ ناھِ نِھايَتَ نِينھَن جِي، تِتِ کُوءِ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- مِيين ۽ مَڱڻي، ڪا جَا ڳالِهہ ڳُجِهي، سا ٻائِنِ دائِنِ ٻانِهنِ، سوجهي تان نَہ سُجِهي، پِئا وِيرَ وِماسَ ۾، عاقِلَ…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڍورُ نَہ اَڳيئَن ڍارَ، مَھِندِ مَلاحَنِ لَکِئو، موڙي چُرِئا مَڪُرا، پَسِي پاڻِيءَ پارَ، جَسُودَنَ جِھَڙا يارَ، پِئا ويرَ وِماسَ ۾.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- سُڪو ڍورُ ڊَھِيُون ٿِئو، ڪَنڌِيءَ ڏِنِي ڪَرَ، جَنِ جي پاڳُنِ ۾ پَرَ، سي پِئا وِيرَ وِماسَ ۾.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]