وِلِها بابت
معنيٰ
غريب، ڪنگال، تمام غريب. بي وارث، ڇڙوڇانڊ، جن کي گهر ٻار نہ هجي. نڌڻڪا، غيباڻا، بي رونق، خالي.
Indigents, needy, poor persons. Misers.
بيتن ۽ وائين ۾
- پِيو مَنجِهہ ڦُلِهِيارَ، ماڻِڪُ ميرو نَہ ٿِئي، لالِي تَنھِن نَہ لَھي سارِي سَڀَ ڄَمارَ، وِلِها جي وينجهارَ، ڪَچُ ڪَمائِين ڪِينَ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، سَندِي بابُوئَنِ بانسَ، وِئا ويراڳِي نِڪِرِي، وِلِها ڪَري واسَ، جَنِ جِي اَندَرَ ۾ اُداسَ، سي لاھُوتِي…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نِھارِجِ سُڀَرو، ڏِيندُءِ لَکَ لَطِيفُ چئَي، راڄِ راھُوءَ جي رَسُ، وِلِها جَنھِن وَنِهِئان ڪِئا، پاڳَ…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]