وِصالا بابت
معنيٰ
گڏجڻ ۾، مِلڻ ۾، مُنھن ڏسڻ ۾، ميلاپ ۾، ملاقات ۾، وَصل ۾، (موت سان ئي، مرڻ جي حالت ۾.)
In meeting, while meeting or joining.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي تَتو تَنُ تَنُورَ جِيئَن، تَہ ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ، آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ، بُرقَعان اَندَرِ بازِيُون، پَنھِنجُون…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- وَڃان ڪِيئَن وَرِي، ھُوندَ ريءَ چئَي رَھِي رَھان، دُونھِينءَ پاسِ دوسَ جي، ماڳھِين پُئانَ مَرِي، نَہ صُورَتَ نَہ سُونھَن ڪا،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- جيڪي فِراقان، سو وِصالان نَہ ٿِئي، اَچي اوطاقان، مُون کي پِرِينءَ پاسي ڪِئو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- وِصالان وِچُ پِئو، ڦِرِي آءُ فِراقَ، جي ٿي چِڪئَمِ چاڪَ، پِرِينءَ گَڏِجِي پُورِئا.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]