وِصالا جي سنڌي معنيٰ
گڏجڻ ۾، مِلڻ ۾، مُنھن ڏسڻ ۾، ميلاپ ۾، ملاقات ۾، وَصل ۾، (موت سان ئي، مرڻ جي حالت ۾.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In meeting, while meeting or joining.
وِصالا جا بيتن ۾ حوالا
جَي تَتو تَنُ تَنُورَ جِيئَن، تَہ ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ،
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
بُرقَعان اَندَرِ بازِيُون، پَنھِنجُون سَڀَ پَچاءِ،
لُڇَڻُ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، پَڌَرِ ھَڏِ مَ پاءِ،
مَڇُڻ لوڪُ لَکاءِ، وِصالا وِچُ پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 10 ]

وَڃان ڪِيئَن وَرِي، ھُوندَ ريءَ چئَي رَھِي رَھان،
دُونھِينءَ پاسِ دوسَ جي، ماڳھِين پُئانَ مَرِي،
نَہ صُورَتَ نَہ سُونھَن ڪا، ڪِيَسِ چِتَ چَرِي،
وِصالا فِراقَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي،
تيلاھِين تَرِي، آئُون مُنھُن ڳِنِهئو موٽِيو وَڃان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 14 ]