وِتُ بابت
معنيٰ
سَگهہ، زور، توفيق، وسعت، بچت، بچندي، مال، ملڪيت.
Power, ability, potency.
بيتن ۽ وائين ۾
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چيتاريجِ چِتُ، تَہ دائِما دُورِبِيءَ ۾، پَسِين ولاتُنِ وِتُ، نِيَھُ نِکاري نِتُ، مَلاحَ گَڏِ مُعلِمَ سين.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- وِتُ ويِمي جو جَي لَھِين، تَہ ٻِي ڪارِ نَہ ڪَرِين ڪا، اِھا پَرُوڙِجِ ڳالِهڙِي، وَڻِجارَنِ وَٽان، موتِي جَنِ ھَٿان، آندَءِ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- جِيئَن اُتَرِڙا اوتِينِ، تِيئَن سامِي گهَڻو سَنِرا، سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو، اُتَرَ اوٽَ نَہ ڏِينِ، جِيئَن پارو پَوارا ڪَري،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- پارو پَوارا ڪَري، لَڳي اُتَرَ مُٺِ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ڪَنِ جُسي سين جُٺِ، پَوَنِ ڏِينِ نَہ پُٺِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]