وَحدَہٗ بابت
معنيٰ
ھُو (الله تعالى) ھڪ آھي، ھُو ھڪڙو ئي آھي. (عربي ٻوليءَ ۾ اللہ تبارڪ تعالى جي توحيد بيان ڪرڻ لاءِ ھي اسم اقرار طور ڪتب ايندو آھي.)
None has the right to be worshipped but Allah alone, Who has no partner.
وحدہ: (ع) ”ھُو ھڪڙو آھي“. ھي جملو ڪلمہ شھادت جو ھڪ جزو آھي.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي، قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ، والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ سين اورِينِ، ھِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِين، مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِيِن، سُکَ نَہ سُتا…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ اَڌَ ڪِئا، مُحَّمَدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِئا، عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اِنهين پَھِ پِئا، جيلاھَ ڌَڻِي ڌُئا،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ ڪِئا اَڌَ، سي ڌَڙَ پَسي سَڌَ، ڪَنھِن اَڀاڳِيءَ نَہ ٿِئي.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڪِئان لَھَندِي سي، يا اَلا ڪِئان، وَحدَہٗ جٖي وَڍِيا، جِتي وَحدَہٗ وَڍَ ٿِئي، جيڪو مُون کي ني، سِسي ڏِيان ساھَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڪاھي ڪيچِ ڪَنواٽَ، لَنگهِيائُون لَطِيفُ چئَي، گهيڙَ گهِٽِيُون ۽ گهاٽَ، وَٺِي وِئا وِصالَ ۾، وَحدَہٗ جي واٽَ،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- وَحدَہٗ وائِي، چَڙَهندي چَيائُون، سو لُڙُ لَنگِهئائُون، جِتِ پارَکَ پَکِيان.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]