ويچارو بابت
معنيٰ
نڌڻڪو، بي پھچ، بيچارہ، آوس، لاچار، عاجز، نِڌرو، آٻالو، اَڌين. بي حيلي، بي وسيلي، بي واهو، بيڪس، ڪمبخت، نڀاڳو، بدبخت، ڪرم هيڻ، نامراد، نِدورو، اَدورو، ڪم نصيب، غريب، مسڪين، محتاج. اَهلير.
Helpless, unfortunate, forlorn.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪُتي سُئِي ڪُوڪارَ، سُتي شِڪارِيَنِ جِي، ويچارو وَسِ نَہ پانھِنجي، حِيلَنِ ڪَري ھَزارَ، ڌَڻِي ڪَرِ مَ ڌارَ، ھِنَ لاکِيڻِيءَ لوڌِ…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- دائِمُ آھي دَرَ تي، وِڳَندُ ويچارو، عَطُرَ سين آرو، لَڳُسِ تي لِڏِ کَڻي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- اَکَڙِيُنِ آرو، مُونھان پُڇِي نَہ ڪِئو، وَڃِي اُتي اَڙِيُون، جِتِ چَوَڻَ نَہ چارو، ھِينئَڙو ويچارو، واٽُون جَهلِئو وِنجهُلي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي لَڄاڻو، ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِئو ڏِسَڻَ کي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- مُنھُن آھيريءَ جِيئَن اُجَري، قَلبَ ۾ ڪارو، ٻَھران زيبُ زَبانَ سين، دِلِ ۾ ھَچارو، اِنَ پَرِ ويچارو، ويجهو ناھِ وِصالَ…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- سَرَ سُڪي سالَ ٿِئا، ھَنجَ تَہ ھَرِيوئِي پيرُ، ڪَنگُ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي اِنَ رَمُوزَ کي.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]