ويساھِ بابت
معنيٰ
اعتبار تي، يقين ڏيارڻ تي، ڀروَسي تي، ويسهہ ۾، عقيدي ۾، صدق تي، اعتقاد ۾، پڪ ڪري.
Trust, confidence, belief, reliance, credit.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھئَي ھئَي وَھي ھاءِ، مَنَ ۾ مَحبُوبَنِ جِي، جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪِنِ ٻَرِي باھِ، پَسو مَچَ مَٿا، جي مُون ويساھِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ھئَي ھئَي وَھي ھُوءِ، مَنَ ۾ مَحبُوبَنِ جي، جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪِنِ، مُڪِي بُوءِ، اَچِي پَسو رُوءِ، جِي اَئِين ويساھِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَرِھي، ڏُسڪي مَنجِهہ ڏارَنِ، ڏِئو لَتُون لامُنِ تي، چَڙِهي سِرِ چوٽِنِ، ويچارِيءَ ويساھِين نَہ ڏي، پاڻِي کان پِنبِڻَنِ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ڪيچان اوري ڪِٿَھِين، وَڻُ نَہ ويساھِين، ڪَمِيڻِي ڪيچِيَنِ لاءِ، پُورِجِ پَراھِين، تاڻِجِ تيڏاھِين، وارِجِ ڪا مَ وَرَڻَ جِي.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]