ويرَمَ بابت
معنيٰ
وقت، مھل، ويل، ٿورو وقت، گهڙي. چرڪ، سِل وِل، دير، اوير، کيسو، سيڙپ، اِلٽو، ليت و لعل، ناغو.
Time, moment, late, delay.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، آيُسِ موچارِيءَ ماھَ، جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ، سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- جَو تَعلَقُ رَکي تَندُ سين، سو مُون پَلَئِي پاءِ، سُڻُ تُون، ڪَرِيان ڳالِهڙِي، آيُسِ آڳاھِينءَ جاءِ، ھِيءُ ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- مُون کاھوڙِي لَکِئا، ويھِي نَہ ويرَمَ ڪَنِ، ڏِينھَن تَتي ۾ ڏُونگَرين، ڪارَڻِ قُوَتَ ڪَھَنِ، جَهنگَلَ ۾ جُهڻِڪَنِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ…[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- مَوتَ مُندَ نَہ آھي، تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا، وڌائِين وَڍَڻَ لَيءِ، ڳَنُ ڪُھاڙِيءَ پاھي، اَجَلُ اَسارَنِ کي، ڪامَ وَٺِئو ٿو ڪاھي،…[ سُر آسا - وايون ]