واڙي بابت
معنيٰ
ونئڻَ جي، ڪپھ جي ٻوٽي جي، واڙي جي.
Of cotton crop.
بيتن ۽ وائين ۾
- چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھِ، آڳِ ٻَرَندِيءَ آيا، وِھسَنِ واڙي ڦُلَ جِيئَن، مُحبَتِي مَچَ لاءِ، آڻي پاڻُ اَڙاءِ، کَڻِي کُوري وِچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ پاڙي، جَنِي جي واڙي، چورُ نَہ ڇُهي وَڇَڙا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- ريٻارِڻِ روئِي، واڙي پاتا وَڇَڙا، سَمُورا سوئِي، ھَڻي ساٿَ ھيڪَلِي.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، واڙي پايو وَڇَڙا، کَرا ويڻَ کَنگهارَ کي، چَنچَلِ اُڀِي چوءِ، واڙي وَڇُ نَڪو، لاکو لوڙائِنُ سين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]