نِھوڙي بابت
معنيٰ
زور سان جهلي. دٻي. غالب پئجي. پيڙي. قابو ڪري. بيھوش ڪري. ضعيف ڪري. ماري. ناس ڪري، نابود ڪري، ذري گهٽ ختم ڪري، فنا ڪري، چَٽ ڪري، تباھ ڪري، مساري، خاتمو ڪري، غرق ڪري، ٻوڙي، هِرت ڪري.
To seize one with force, press down, grind down, prostrate, stun.
بيتن ۽ وائين ۾
- اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن جٖي وِئا، سانداري سَمُنڊَ جي، نِھوڙي نِئا، وَڃِي تِتِ پِئا، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين جِيئَن، قالُو بَلیٰ قَلبَ ۾ ٿِي تَفالي تِيئَن، مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، آئُون نِھوڙي نِينھَن، سَرَتِيُون…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ھِيءُ پُڻ ڏِينھُن وِئو، نِھوڙي ناڀُنِ سين، مُون کي نِينھَن نِيو، مُٺِيءَ مَوتُ ٿِئو، پِيَ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- آڻي جهوڪِئا جهوڪَ ۾، مِزمانَن مَھِرِي، چاٽِي چَنبَنِ ۾ وِئا، جِيئَن بازُ سٽي بَحِرِي، ڪوھِيارو قَھَرِي، وِئو نِھوڙي نِنڊَ ۾.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ھُئِي جي نَہ ھُئِي، تَہ راڻو رَنجُ رَکِي وِئو، مارِيَس اِنَهِيءَ مامِري، جِيئَن سَڀَ ڪَنھِن ڳالِهہ سُئي، ڪُرَڻِ ساڻُ ڪُھِي،…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- اِيءُ ڪيھَرِ جو ڪَمُ، جِيئَن ھاٿِيءَ جو ھَڏُ گهُري، نِھوڙي ناڀُنِ سين، دَمائيسِ نَہ دَمُ، ڪِلي ويرَ قَدَمُ، کوڙي پَرَ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ھاٿِي ھِمَٿَ سين ھَڻي، ھَرَڻا ھَٿُ نَہ ڏي، سامُهُون اَچي جَنِ کي، سي نِھوڙي نَي، اِنَ ڪيھَرِ ڪَنان ڪي، ڀَڳا…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]