نِھارَ بابت
معنيٰ
نھارڻ واري حالت، نگاھ، نظر، نظرداري، جاچ، تلاش، ڳولا، چوڪسي، نگھباني، سجاڳي، تَڪُ. گهُر.
Looking at, looking for viewing, staring, watching.
بيتن ۽ وائين ۾
- ناسِيندي نِھارَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي، آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ، ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي، ڪَري ڪانَہ نِھارَ، ھِنَ کي چُڻِڪَن ٿا چِتَ ۾، ساھَڙَ جا سِينگارَ، سا ڪِيئَن ھُنَئان ڌارَ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڳَورا ٻَئِي پارَ، ھِنيُون حَيرَتَ ۾ پِئو، وِھان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِھارَ، وَڃان تَہ واڪو پَئي،…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏُسڪِئو جَهلي ڏارَ، ٻَھَ ٻَھَ ٻيلايَنِ جي، ڪانڀُوءَ ۾ قَطارَ، لَڪَنِ مان لَطِيفُ چئَي، نُوڙِئو ڪَري نِھارَ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- پُنهونءَ پيرَڙِيُون، گهَرِ گُهَمندي جٖي ڏِنِيُون، سي مان سيرَڙِيُون، نِتُ نِھارَڻُ آيُون.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- جوڳِي ٿِينِ نَہ يارَ، ڪَنھِن سين قَرِيبَنِ ري، اَٺَئِي پَھَرَ اُنِ کي، نانِيءَ ڏُونھِن نِھارَ، مُون مُلاقاتَ اُنِ سين، جَنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]