نِھائِينءَ بابت
معنيٰ
آويءَ، ڪُنڀر جي ٿانون پچائڻ جي کوري يا بَٺِي، کُورو، بَٺو (سرن وغيرہ جو).
Furnace, oven, furnace of potter.
بيتن ۽ وائين ۾
- نيڻَ نِھائِينءَ جان، سُتي لوڪَ ڌَڳِئا، اُجهامِئو ٻَران، توکي سارِئو سُپِرِين.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- نِھائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ مُنھِنجا سُپِرِين، سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- نِينھُن نِھائِينءَ جان، ڍَڪِئو ڪوھُ نَہ ڍِڪِيين، ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ ڪِيئَن پَچَندا ٿانءَ، سَندي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالِهڙِي.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]