نِياپو بابت
معنيٰ
نياءٌ، پيغام، سنيھو، پاراپو.
A message
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڻِي سَھي نَہ پيرُ، لَهرِ نِياپو نَہ مُئي، آڻي ڏِيندُمِ ڪيرُ، سُڌِيُون سانڀارَنِ جُون.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- مُون اَنڌِيءَ ڏي اَڄُ اِيندا، ھوتَ سَلامَتَ سُپِرِين، سَڱُ نَہ ڪَندا سُکَ سين، سُورَ سَڱِيڻا ٿِيندا، پَريٽِ نِيندا پاڻَ سين،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- نَئُون نِياپو آيو، راڻي وَٽان راتِ، لَڌِيسُون لَطِيفُ چئَي، ڪَنان ڏاتَرَ ڏاتِ، ڪِھَڙِي پُڇي ذاتِ، جٖي آيا سي اَگِهئا.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- پَھِي سُکَ پيرين کيھَ، ڪو نِينھَن نِياپو مارُوئين، اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، تَنِ ڏيھَ، سَندِي جا ساڻيھَ، کِھَ کَٿُورِي ڀانيان.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]