نِياپو جي سنڌي معنيٰ
نياءٌ، پيغام، سنيھو، پاراپو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A message
نِياپو جا بيتن ۾ حوالا
پاڻِي سَھي نَہ پيرُ، لَهرِ نِياپو نَہ مُئي،
آڻي ڏِيندُمِ ڪيرُ، سُڌِيُون سانڀارَنِ جُون.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 24 ]
آڻي ڏِيندُمِ ڪيرُ، سُڌِيُون سانڀارَنِ جُون.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 24 ]
مُون اَنڌِيءَ ڏي اَڄُ اِيندا، ھوتَ سَلامَتَ سُپِرِين،
سَڱُ نَہ ڪَندا سُکَ سين، سُورَ سَڱِيڻا ٿِيندا،
پَريٽِ نِيندا پاڻَ سين، ڇورِي تان نَہ ڇَڏِيندا،
پَلَئِہ لائي پانھِنجي، نِيءَ کي اُتِ نِيندا،
رَکِي ڳَلُ ڳِلَنِ تي، نِينھَن نِياپو ڏِيندا.
[ سُر آبڙي، وايون، 16 ]

نَئُون نِياپو آيو، راڻي وَٽان راتِ،
لَڌِيسُون لَطِيفُ چئَي، ڪَنان ڏاتَرَ ڏاتِ،
ڪِھَڙِي پُڇي ذاتِ، جٖي آيا سي اَگِهئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 8 ]
لَڌِيسُون لَطِيفُ چئَي، ڪَنان ڏاتَرَ ڏاتِ،
ڪِھَڙِي پُڇي ذاتِ، جٖي آيا سي اَگِهئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 8 ]
پَھِي سُکَ پيرين کيھَ، ڪو نِينھَن نِياپو مارُوئين،
اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، تَنِ ڏيھَ،
سَندِي جا ساڻيھَ، کِھَ کَٿُورِي ڀانيان.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 1 ]
اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، تَنِ ڏيھَ،
سَندِي جا ساڻيھَ، کِھَ کَٿُورِي ڀانيان.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 1 ]
English Meaning
A message