نِمازَ بابت
معنيٰ
نمڻ. بندگي. سجدو صلوات، ڌڻيءَ جي يادگيري. سجدو، صلوات.
Prayer.

بيتن ۽ وائين ۾
- لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نَہ مَسَحو، اورِيندي اَلِفَ سين سُکَ ڇَڏِيائُون سانگَ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، آڌِيءَ ڏِينِ اُڇانگَ، ٻُڌائُون…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- پَڙَهنِ وَقتَ نِمازَ جا ۽ قَضا ساري ڪَنِ، پايو مُنھُن مُصحفَ ۾، راتو ڏِينھَن رَڙَنِ، اُوءِ مُٺا ڪِيئَن مَرڪَنِ، اَندَرِ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- نَڪِي پَڙَهنِ نِمازَ کي، نَڪِي قَضا ڪَنِ، سارِئو سُپَيرِيَن کي، سِڪَنِ ۽ سَڙَنِ، پَڙَهندَلَ پوءِ رَھَنِ، ھوءِ اَڳھَيِن ھُونِ اُتَھِين.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- وِردَ وَظِيفا وِسَرِئا، نَہ ڪا رَھِي نِمازَ، ھِينئَڙو بَحرِيءَ بازَ، چوري ڪِئو چَنبَنِ ۾.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- جانۡ جانۡ پَسِين پاڻَ کي، تانۡ تانۡ ناھِ نِمازَ، سَڀَ وِڃائي سازَ، تِھان پوءِ تَڪبِيرَ چَئُہ.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]