نِمازَ جي سنڌي معنيٰ
نمڻ. بندگي. سجدو صلوات، ڌڻيءَ جي يادگيري. سجدو، صلوات.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Prayer.
نِمازَ جا بيتن ۾ حوالا
لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نَہ مَسَحو،
اورِيندي اَلِفَ سين سُکَ ڇَڏِيائُون سانگَ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، آڌِيءَ ڏِينِ اُڇانگَ،
ٻُڌائُون سا ٻانگَ، ڪَندا ڪوھُ نِمازَ کي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 18 ]

پَڙَهنِ وَقتَ نِمازَ جا ۽ قَضا ساري ڪَنِ،
پايو مُنھُن مُصحفَ ۾، راتو ڏِينھَن رَڙَنِ،
اُوءِ مُٺا ڪِيئَن مَرڪَنِ، اَندَرِ اُونداھِي جَنِ کي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 17 ]

نَڪِي پَڙَهنِ نِمازَ کي، نَڪِي قَضا ڪَنِ،
سارِئو سُپَيرِيَن کي، سِڪَنِ ۽ سَڙَنِ،
پَڙَهندَلَ پوءِ رَھَنِ، ھوءِ اَڳھَيِن ھُونِ اُتَھِين.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 18 ]

وِردَ وَظِيفا وِسَرِئا، نَہ ڪا رَھِي نِمازَ،
ھِينئَڙو بَحرِيءَ بازَ، چوري ڪِئو چَنبَنِ ۾.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 22 ]

جانۡ جانۡ پَسِين پاڻَ کي، تانۡ تانۡ ناھِ نِمازَ،
سَڀَ وِڃائي سازَ، تِھان پوءِ تَڪبِيرَ چَئُہ.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 23 ]