نِسورِي بابت
معنيٰ
بلڪل، صفا، محض، سراسر، نج، خالص، صفا، بِنھ، نِپٽ، سڄوئي، تمام، سربستي، سموري. نري، فقط، نِلي، رڳي.
Pure, unalloyed, mere, complete, only.
بيتن ۽ وائين ۾
- ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، نِسورِي ناپاڪَ، نَجاسَتَ ناھِ ڪَري، اُنِهين جِي اوطاقَ، ھُوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِي پاڪَ ٿِئي.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، ھِتي آيَمِ ھِيئَن، رِفاقَتَ راڱَنِ جي، پَھتِيَسِ پَھَرَ سِيئَن، ماڻُهو مَلاحِظو تَنھِن جو، ڪيچِ نَہ ڪَندا…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- آيَلِ اوطاقُون، ڪَري ڪيچِي ھَلِئا، سُڪِيُون نَہ سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون، نِسورِيُون نائُڪُون، سَڃي ھَلِئا سُورَ جُون.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، ڪو سوڍا ٻِئا سُڄاڻَ، نِسورِيائِي نِينھَن جي، ڪَشِئائِين ڪَمانَ، ڇَڏي وِئا ڇوھَ ۾، دَعوائُون دِيواۡنَ،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- مُومَلَ ھَٿِ ڪَمانَ، نِسورِيائِي نِينھَن جِي، ھَڻِي حَڪِيمَنِ کي، ٻَنگَ نِهارِئو ٻاڻَ، جَهرَ ڪِئا پَسُ جُوانَ، جَنِ ڪا ڪِئان گهيڙئا…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]