نِرتو بابت
معنيٰ
نظر کي سامهون، سنئون سڌو، ڌُو
Direct, in front
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جانۡ ٿو چَئِين اِيئَن، تانۡ مَڃُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، نِرتو مَنجهان نِينھَن، تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ثابِتُ لَنگهِئا سِيرَ، لَهِرِنِ لوڏِئا ڪِينَ ڪي، وَڃِي پَهتا پارَ کي، نِرتو مَنجهان نِيرَ، ماء پَهتا مِيرَ، ٻارِ لَنگهِئائُون ٻاجَهہ…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- سَڱُ ڪَري سين شِينھَن، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين، رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتو مَنجهان نِينھَن، اُونءَ مَ وَسِجِ عامَ تي،…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]