نِجُهرو بابت
معنيٰ
جهوپڙي، ڀونگي، جهڳو، مڪان، اَجهو. وستي، وسندي، وسنھن .
Cottage, home, house, place.

بيتن ۽ وائين ۾
- واقُفُ جٖي وَڻِڪارَ جا، وانءُ تَنِي جي سَڏِ، نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ، ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- رَھِيو ويٺِي راڳِ، اَمَڙِ اورِئان نِجُهرو، لاٿو ڏيھَ وَڻَنِ سين، مُون لاڳاپو ۽ لاڳِ، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ھاڻِ اِيندو ھاڻِ اِيندو، مُنھِنجو سَڄَڻُ سائِين، نِماڻِيءَ جو نِجُهرو، پاسي پاڻَ اَڏِيندو، مَٿان لَڪَنِ ساٿَڙو، صَحِي سَلامَتَ نِيندو، آڱرُ…[ سُر بروو سنڌي - وايون ]
- عَدَمُ اوتارونِ، نااُميدِي نِجُهرو، رَضا راڄُ سَندونِ، ٻِئو مُوران مَڱَنِ ڪِينَڪِي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]