نَصِيبُ بابت
معنيٰ
ڀاڳ، قسمت، مُقدر، لِکيو، بخت، حصو، تقدير، ڪَرم، طالع. ممڪن، حاصل، مُيسر. مقرر، مشيت.
Fate, destiny, luck, fortune.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھوتَ ٻاروچي ساڻُ، جيڏِيُون جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ جُون ڳالِهيُون، چَڙِهي ڏُونگَرَ چوٽِيين، پُرزا ڪِندِيَسِ پاڻُ، ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، يارَ سَڱَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- سِرجِي تانۡ سُورَ، ساماڻِي تانۡ سُکَ وِئا، اِھي ٻَئِي پُورَ، مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئا.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- سَسُئِيءَ جي سِرِيءَ سين، ڪيچَ ڌَڻِي ڪانڌِي، لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، آرَياڻِيءَ آندِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، مُنڌَ ھُئِي ماندِي،…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڪالَهہ قَرِيَنِ لَڏِئو، تان تُون ٿِيءُ تَيارُ، ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچو اِي قَرارُ، پِرِين تُنھِنجو پارُ، مُون نِماڻِيءَ…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئي، پِرِينءَ پيشانِي، سي ڪِيئَن وَڃَنِمِ وِسَرِي، جٖي جِيءَ اَندَرِ جانِي، تَنِي جِي ٻانِهي، ڪِھَڙِي حُجَ ھَلايان.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]