مِٽُ بابت
معنيٰ
مائٽ، خويش، سڱيڻو، شريڪ، عزيز، رشتيدار، مِترُ. سڳو، پنھنجو، ڀائپي وارو، برادري وارو. ويجهو دوست، يار، سڄڻ، گهڻگهرو.
A relative, kinsman, friend.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪِھَڙو سَڱُ سِياڪو، ھاري تَنِ ھوتَنِ سين، آئُون ھيڪَلِي حَبِ ۾، نَہ مُون مِٽُ نَہ ڪاڪو، مُنڌَ پِيادِي پَنڌُ گهَڻو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- وَصُلُ تَنھِن وِڃايو، سِينڌِ سُرِمي سِيئَن، لُوٺِي لِيلان جِيئَن، مَڻِيو جَنھِن مِٽُ ڪِئو.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو، حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ، ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]