مُورَتَ بابت
معنيٰ
شڪل، شبيھ، صورت، روپ. ڪنھن بہ شيءِ سان ٺهيل ماڻهوءَ جو بوتو، پتلي، بت ، صنم، پتلو. ڀُوري، ڊالي. مورتي. تصوير، چِٽَ، گلڪاري.
An idol, image, figure, statue, form, appearance.
بيتن ۽ وائين ۾
- جوڳِي ھُئا جِتِ، سو ماڳُونِ نِھارِئان، مَڙِهيُون مُورَتَ مِتِ، مانَ وِسَرِئُونِ ڪِي لَهان.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- نابُودِيءَ نيئِي، عَبدَ کي اَعليٰ ڪِئو، جي مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِئا، صُورَتَ پُڻ سيئِي، ڪِبِي اِتِ ڪيھِي، ڳالِهہ پِريان جي…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- راتِ رَڱِجِي آيُون، پاران پِرِيَنِ جي، سيڻَ پِہ ڪَندِيُون سي، مُورَتَ جَنِ جي موھِيُون.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَہ ڪا مُورَتَ ماھَ، نَہ ڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرَضُ گُناھَ، ھيڪائِي ھيڪُ ھُئِي،…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]