مُشتاقَ بابت
معنيٰ
اشتياق رکندڙ، شائق، چاهيندڙ، آرزومند، طالب، خواهشمند، گهورا، خواهان. سڪايل، اُڪنڊيا. موهِيَلُ، وَسُ ڪيل، مَنُ لُڀايل، عاشق، موهت ، اڪن ڇڪن. مُستدعِي، مُنتظر، انتظار ڪندڙ.
Lovers, Eager, hopeful, thirsty, wishers, those who keep desires
بيتن ۽ وائين ۾
- حَياتِيءَ ھيڪاندِ، ڌَڻِي ڪَرِيندين ڪَڏِھِين، مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رَنجائي راندِ، پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- جيڏِيُون ھِيءُ ضَرُورُ، آيَلِ ڪِيئَن رَھَندو پِرِينءَ ري، سَگهو ساٿَ نَہ جِندَڙو، چارَئِي پَھَرَ چُورُ، مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ساجَنَ…[ سُر کنڀات - وايون ]
- اَچَنِ جَي اوطاقَ، مُون سارِيندِيءَ سُپِرِين، مُون جيھِي مُشتاقَ، ڏِسِي لاھي ڏُکَڙا.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- عُمَرَ آندِي مارُئِي، ظالمَ زورِ ڪَري، مارُنِ ڌاران ماڙِيين، جَي ٿِي هِتِ مَري، تَہ مَڙُه تَنھِن مُشتاقَ جو، پَھچائِجِ ٿَرين،…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي پَکا سَندَنِ پاڪَ، ڪي ڏِينھَن هِتِ جيڏِيين، ٿي مَلِيرَ چُونڊِي ماڪَ، سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]