مَڱي بابت
معنيٰ
گهُري، پِني، آکي، طلبي، سوال ڪري.
Beg, ask, asking for.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِيءُ، مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ، وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڪَري دُورِ، سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ، ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- راجا رَنگَ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِينَ، ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، سا سُئِي بالا بِينَ، جِتِ اَچَنِ نَہ اُڙِدا بيگيُون، اُتِ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- سِرُ مَڱي سِرُ گهُري، سِرَ ري ٿِيي نَہ صَلاحَ، غَرِيبَنُون نَہ گُذَري، ماري مِيرَ مَلاحَ، نايو نَوابَن جو، سُوڙِھو ڪَڍي…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- مَڱُ تَنھِن کان مَڱڻا، جو ڏِھاڙِي ٿو ڏي، ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ مَڱين جي، صُباحَ توئي کي، موٽِي ڏِيندا…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]