مَڪانُ بابت
معنيٰ
رهڻ جي جڳھ، جاءِ، جڳھ، هَنڌ، آستانُ، ٺِڪاڻو، رهائش، مَسڪن، خانو، ٿاڻو. اوتارو، بيٺڪ. فقيرن جي رهڻ جي جاءِ، دائرو. شھر، گامُ، ننگر، مُلڪ، ديس، وطن. علائقو.
A place, residence, town, land, parish.
بيتن ۽ وائين ۾
- پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ مُنھِنجو، مُون کي بُکَ بوتَنِ جِي، نَڪِي ڀايان نانُ، شَھَرُ صَحرا ڀانيان، مُون ليکي مَيدانُ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- جَکِري جِھو جُوانُ، ڏِسان ڪونَہ ڏِسَنِ ۾، مُھڙُ مِڙَنِي مُرسَلين، سَرسُ سَندُسِ شانُ، خَبَرَ ڪاڻِ خَلِيلَ جي، قادِرَ مُڪو قُرآنُ،…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- مِينڍي ۾ مَرَجانُ، ڪِينَ پَنوَهارِيُون پائِينديُون، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ڪَنِ سانئَين جو سامانُ، ڪوھُ ڪَرِيان آئُون کَٽُنِ کي، مِٽِي…[ سُر مارئي - وايون ]