مَڪانُ جي سنڌي معنيٰ
رهڻ جي جڳھ، جاءِ، جڳھ، هَنڌ، آستانُ، ٺِڪاڻو، رهائش، مَسڪن، خانو، ٿاڻو. اوتارو، بيٺڪ. فقيرن جي رهڻ جي جاءِ، دائرو. شھر، گامُ، ننگر، مُلڪ، ديس، وطن. علائقو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A place, residence, town, land, parish.
مَڪانُ جا بيتن ۾ حوالا
پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ مُنھِنجو،
مُون کي بُکَ بوتَنِ جِي، نَڪِي ڀايان نانُ،
شَھَرُ صَحرا ڀانيان، مُون ليکي مَيدانُ،
وجِهجِ پِڪَ پينارَ تي، پِريَمِ کائِي پانُ،
پِٽِيان مُنھُن پَسَڻَ لَئِي، ھِتي ٿِي حَيرانُ،
ديوانِيءَ کي دِلِ ۾، سُورَنِ جو سامانُ،
رُئان ٿِي رِڃُنِ ۾، آرِيءَ لئِي عُرِيانُ،
آھي آرِيءَ ڄامَ جو، مُون کي ڪارِي ڪانُ،
ڪَڏِھِين ٿِيندو ڪيچَ ۾، مُٺِيءَ جو مَڪانُ،
آھِين عَبدِالْلَطِيفُ کي، اَڳِئان تُون اَڳواڻُ.
[ سُر حسيني، وايون، 5 ]

جَکِري جِھو جُوانُ، ڏِسان ڪونَہ ڏِسَنِ ۾،
مُھڙُ مِڙَنِي مُرسَلين، سَرسُ سَندُسِ شانُ،
خَبَرَ ڪاڻِ خَلِيلَ جي، قادِرَ مُڪو قُرآنُ،
فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، اِيءُ مُيسِرُ ٿِئُسِ مَڪانُ،
اِيءُ آگي جو اِحسانُ، جَنھِن ھادِي ميڙِئم ھِھَڙو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 9 ]

مِينڍي ۾ مَرَجانُ، ڪِينَ پَنوَهارِيُون پائِينديُون،
مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ڪَنِ سانئَين جو سامانُ،
ڪوھُ ڪَرِيان آئُون کَٽُنِ کي، مِٽِي اَسان جو مَڪانُ،
سَدا سَنگهارَنِ جو، گَهيٽَنِ سين گُذرانُ.
[ سُر مارئي، وايون، 28 ]