سورَٺِ جي سنڌي معنيٰ
راءِ ڏياچ جي زال جو نالو. )سُھڻي، حَسين زال(
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wife's name of Roy Diyach. (beautiful and pretty woman)
سورَٺِ جا بيتن ۾ حوالا
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، آيُسِ موچارِيءَ ماھَ،
جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ،
سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين لاءِ،
سو مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جَو وِچان ويرِيَنِ آيو.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 5 ]
جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ،
سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين لاءِ،
سو مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جَو وِچان ويرِيَنِ آيو.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 5 ]
ٻِئا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ کي، آيُسِ تُنھِنجي دَرِ،
سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڪا مُنھِنجِي ڪَرِ،
ڀَلا ڀيري ڀَرِ، پالهو پاندُ پَينارَ جو.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 11 ]
سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڪا مُنھِنجِي ڪَرِ،
ڀَلا ڀيري ڀَرِ، پالهو پاندُ پَينارَ جو.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 11 ]
اَلوِداعُ ھَئَي اَلوِداعُ، جانِئا ڪِيئَڙُئِي جُدا،
ھِي جَو آيو مَڱِڻو، مَتارا ماري،
دوسَ دوسَنِئُون دُورِ ڪَري، ٿو ڏَيا ڏيکاري،
ھَڻُ تُون تَندُ طَرِيقَ جِي، واڄَٽَ سَڀَ واري،
سورَٺِ سَرَتِيُنِ وِچَ ۾، اُڀَڙِي اوساري.
[ سُر سورٺ، وايون، 6 ]
ھِي جَو آيو مَڱِڻو، مَتارا ماري،
دوسَ دوسَنِئُون دُورِ ڪَري، ٿو ڏَيا ڏيکاري،
ھَڻُ تُون تَندُ طَرِيقَ جِي، واڄَٽَ سَڀَ واري،
سورَٺِ سَرَتِيُنِ وِچَ ۾، اُڀَڙِي اوساري.
[ سُر سورٺ، وايون، 6 ]
ڏِنو جَو ڏِياچَ، سو سورَٺِ سُرَھو نَہ ڪِئو،
ڪَنبِي وِئا ڪِيرَتِيا، ڪُوماڻا ڪُماچَ،
جَا وِندُرَ وائِي واچَ، موھِيو تَنھِن مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 11 ]
ڪَنبِي وِئا ڪِيرَتِيا، ڪُوماڻا ڪُماچَ،
جَا وِندُرَ وائِي واچَ، موھِيو تَنھِن مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 11 ]
مَڱَ نَہ جَهلِيا مُورَھِين، نَہ مُون پَنڌُ پَري،
ڳِنِهِي آيُسِ ڳالِهڙِي، ڳُجِهي تو ڳَري،
سا سَمُجِهج سورَٺِ وَرَ، ويندُسِ ڪِينَ وَري،
پَرِيان پيرَ ڀَري، تو لَئِي آيو آھِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 20 ]
ڳِنِهِي آيُسِ ڳالِهڙِي، ڳُجِهي تو ڳَري،
سا سَمُجِهج سورَٺِ وَرَ، ويندُسِ ڪِينَ وَري،
پَرِيان پيرَ ڀَري، تو لَئِي آيو آھِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 20 ]
چارَڻَ ٻولِجِ ڪِي ٻِئو، گهُرِيُئِي سو گهورِيان،
گهَرُ سورَٺِ نَہ پَڙي، جان تَندُ بَرابَرِ تورِيان،
ڳُجِهي آھِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري تَہ اورِيان،
ڪِ ڪُلَهنِئُون ڪورِيان، ڪِي جاجِڪَ جُسي سين ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 23 ]
گهَرُ سورَٺِ نَہ پَڙي، جان تَندُ بَرابَرِ تورِيان،
ڳُجِهي آھِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري تَہ اورِيان،
ڪِ ڪُلَهنِئُون ڪورِيان، ڪِي جاجِڪَ جُسي سين ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 23 ]
رَتُ سِرڪِي نِڱِئو،ڏيئِي سورَٺِ مَهِندان سَٽَ،
ڌَڙُ ڌُٻِي پِئو پَٽ تي، مَٿو مَٿان کَٽَ،
آيو سو اُلَٽَ، راڻِيُون جَنھِن رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 15 ]
ڌَڙُ ڌُٻِي پِئو پَٽ تي، مَٿو مَٿان کَٽَ،
آيو سو اُلَٽَ، راڻِيُون جَنھِن رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 15 ]
گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَنِ ٿِيُون پِٽِينِ،
سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ،
چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ،
نارِيُون نازُ ڪَرِينِ، تَہ راجا راتِ رَمِ ڳيَو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 6 ]
سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ،
چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ،
نارِيُون نازُ ڪَرِينِ، تَہ راجا راتِ رَمِ ڳيَو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 6 ]
سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما کَنيا کَنگهارَ،
نَڪو راڳُ نَہ رُوپُ ڪو، نَہ ڪا تَندُ تَنوارَ،
مَٿو مَڱڻَھارَ، ڏِنو سِرُ ڏاتارَ کي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 18 ]
نَڪو راڳُ نَہ رُوپُ ڪو، نَہ ڪا تَندُ تَنوارَ،
مَٿو مَڱڻَھارَ، ڏِنو سِرُ ڏاتارَ کي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 18 ]
سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما ھَنيا کَنگهارَ،
ٿِئو راڳُ رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ،
ڍِٽِ پَٽِ پيئِي پَچارَ، تَہ راجا راتِ راضِي ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 19 ]
ٿِئو راڳُ رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ،
ڍِٽِ پَٽِ پيئِي پَچارَ، تَہ راجا راتِ راضِي ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 19 ]
English Meaning
Wife's name of Roy Diyach. (beautiful and pretty woman)