گهَڙو جي سنڌي معنيٰ
دِلو، پاڻي ڀرڻ جو ٿانءُ، مٽڪو، ڀيلو، گهڙي، ججهري، نادي، ڪُنڀُ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pitcher
گهَڙو جا بيتن ۾ حوالا
وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪَري ،
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، سُڻِي سانجِهيءَ ٻانگَ،
سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساھَڙُ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 19 ]

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون نِھاري ٻَنگُ،
سِرُ دَرِ قَدَم يار فِدا شُدِ چہِ بَجا شُدِ ، وَصُلَ اُھوئِي وَنگُ،
راتِ جَنِي جو رَنگُ، اللهَ سي اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 13 ]

وَ اَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ ، اِيءُ لَنگِهيائِين لَنگهُہ،
سِڪَندِيَنِ کي سَيِّدُ چئَي، ڪِينَ جَهلِيندو جَهنگُ،
راتِ جَنِي جو رَنگُ، اللهَ سي اُڪارِئين،
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 14 ]

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، چيلِهہ ٻَڌِي چوتو،
مُنھِنجو مَنُ ميھارَ کي، پارِ وَڃِي پَھتو،
گهوتي ۾ گهوتو، اَچي ڪو مَ اَڄاڻِ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 15 ]

مِنھِن جَنھِن جي مُون، ڏِٺو مُنھُن ميھارَ جو،
آھي ساھَ سَنئُون، سو ڪِيئَن گهَڙو گهورِيان.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 20 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ چُورُ ٿِئي چُوڙو،
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو،
گهورِئو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 21 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ ٻِيڙَ ٿِئي ٻانھِين،
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ پَرِ اَسانھِين،
پُئان مَ پانھِين، مُون ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 22 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، پاڻان ھوءِ حِجابُ،
واڄَٽُ وَڄِي وُجُودَ ۾، رَھِيو رُوحَ رَبابُ،
ساھَڙَ ريءَ ثَوابُ، آئُون گهَڻو ئِي گهورِيان.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 23 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تان ڪِي تَرُ ھِنيان،
اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏِھاڙِي ڏِيان،
مُون کي ميھارَ مِيان، سَنئُون سُونھايو پيچِرو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 24 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، آسَرَ مَ لاھيجِ،
لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْـمَةِ اللّـٰهِ ، تُرَھي اِنَ تَريجِ،
حَبِيباڻي ھيجِ، پَسِين مُنھُن ميھارَ جو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 25 ]