مَڪانَ جي سنڌي معنيٰ
رهڻ جي جڳھ، جاءِ، جڳھ، هَنڌ، آستانُ، ٺِڪاڻو، رهائش، مَسڪن، خانو، ٿاڻو. اوتارو، بيٺڪ. فقيرن جي رهڻ جي جاءِ، دائرو. شھر، گامُ، ننگر، مُلڪ، ديس، وطن. علائقو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A place, residence, town, land, parish.
مَڪانَ جا بيتن ۾ حوالا
يييَئُون يَرُڪَ مَڪانَ ۾ ھَلَنِ اُڀَسَرا،
سامِي سَفَرِ ھَلِئا، ڪَنھِن ڏوراڻي ڏيھا،
اُھِڃَ آندائُون اِھَڙا، جَنِ مَنجِهہ ناھي ڊاءَ،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، سامِيَڙَنِ سا راءِ،
جوڳِيَڙا وِئا جاءِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 30 ]

هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي مارُنِ جا مَڪانَ،
ڇيلا هُئا ڇُڙَندا، تَرهي ڪَندا تاڻَ،
سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا، ڪارِي لَڳَمِ ڪانَ،
مارُو هُئا مھمانَ، اُٺي وِئا اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا، 1 ]
ڇيلا هُئا ڇُڙَندا، تَرهي ڪَندا تاڻَ،
سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا، ڪارِي لَڳَمِ ڪانَ،
مارُو هُئا مھمانَ، اُٺي وِئا اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا، 1 ]
هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي مارُنِ جا مَڪانَ،
ڪي ڏِينھن هِتي جيڏِيين، ڪِئا گهيٽَنِ سان گُذرانَ،
سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا، هِينئَڙو ٿِئو حَيرانُ،
مارُو هُئا مِزمان، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا، 2 ]