مَٽُ بابت
معنيٰ
جيڏو، برابر، مثل، همسر.
Equal, alike, a match, fellow.
بيتن ۽ وائين ۾
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ گَهٽُ، جِمَ وِرچِي ڇَڏيِين، ڪَلاڙَ ڪو ھَٽُ، اُڀِجِ وَڃِي اُتَهِين، جِتِ موکِيءَ سَندو مَٽُ، ڪَري…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- ڪا مَٽُ مَٽائي، سُورَ مان سا سَرَتِيُون، ڏيڍا ڏِيان نَہ ڏِينِ، ڏوڻا ڏِيان پائي، لالَڻَ تو لائي، ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- راڻا تُنھِنجِيءَ راھَ تي، ويٺِي رُئان رَوَ، دوسَ دِلِاسو جَي ڏيِين، مُون کي جيڏو جَوَ، جَي سوڍَنِ مِڙَنِ سَوَ، تَہ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- تُون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا تُنھِنجو ڍَٽُ، پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ، لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]