مَٽُ جي سنڌي معنيٰ
جيڏو، برابر، مثل، همسر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Equal, alike, a match, fellow.
مَٽُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪا مَٽُ مَٽائي، سُورَ مان سا سَرَتِيُون،
ڏيڍا ڏِيان نَہ ڏِينِ، ڏوڻا ڏِيان پائي،
لالَڻَ تو لائي، ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 16 ]
ڏيڍا ڏِيان نَہ ڏِينِ، ڏوڻا ڏِيان پائي،
لالَڻَ تو لائي، ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 16 ]
راڻا تُنھِنجِيءَ راھَ تي، ويٺِي رُئان رَوَ،
دوسَ دِلِاسو جَي ڏيِين، مُون کي جيڏو جَوَ،
جَي سوڍَنِ مِڙَنِ سَوَ، تَہ تُنھِنجو مَٽُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 15 ]
دوسَ دِلِاسو جَي ڏيِين، مُون کي جيڏو جَوَ،
جَي سوڍَنِ مِڙَنِ سَوَ، تَہ تُنھِنجو مَٽُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 15 ]
تُون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا تُنھِنجو ڍَٽُ،
پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 2 ]
پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 2 ]
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ گَهٽُ،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، ڪَلاڙَ ڪو ھَٽُ،
اُڀِجِ وَڃِي اُتَھِين، جِتِ موکِيءَ سَندو مَٽُ،
ڪَري سِرَ جو سَٽُ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 21 ]