مَٽَ مَٽَ جي سنڌي معنيٰ
ھر ھڪ مٽ ۾، ھر مٽ ۾.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In every vessel. (pitcher)
مَٽَ مَٽَ جا بيتن ۾ حوالا
وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو،
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
گهَٽَنِ ۽ گُهٽِڪَنِ، وَٽِيُون پِيَنِ وِھَ سِرِ گاڏُيُون،
بِدِہ ساقِي بَرخَيزِ ، پِيارِ کي پِيئَندَنِ،
اُو پِڪين نَہ پَرچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجِهيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 14 ]
بِدِہ ساقِي بَرخَيزِ ، پِيارِ کي پِيئَندَنِ،
اُو پِڪين نَہ پَرچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجِهيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 14 ]
آڻي اُتَرَ واءِ، موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئا،
مَتارا تَنھِن ساءِ، اَچَنِ سِرَ سَنباھِيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 15 ]
مَتارا تَنھِن ساءِ، اَچَنِ سِرَ سَنباھِيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 15 ]
آڻي اُتَرَ ھيٺِ موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئا،
مَتارا تَنھِن ميٺِ، اَچَنِ، سِرَ سَنباھِيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 16 ]
مَتارا تَنھِن ميٺِ، اَچَنِ، سِرَ سَنباھِيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 16 ]
موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، ڪو جو زَھَرَ ذَرو،
پِيئَندي پوشِيدَنِ، کي پِئڙو ڪو نَہ پَرو،
مَٿو مَھايَنِ جو، ڪِئو ڳَھَرَ ڳَرو،
ٿِيُنِ کيپُ کَرو، گهوٽَ گِهڏِي گهَرِ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 17 ]
پِيئَندي پوشِيدَنِ، کي پِئڙو ڪو نَہ پَرو،
مَٿو مَھايَنِ جو، ڪِئو ڳَھَرَ ڳَرو،
ٿِيُنِ کيپُ کَرو، گهوٽَ گِهڏِي گهَرِ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 17 ]
موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، سُرِي سَپُ پِئو،
قَضا ڪَمُ ڪِئو، ڪونِهي ڏوھُ ڪَلاڙَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 18 ]
قَضا ڪَمُ ڪِئو، ڪونِهي ڏوھُ ڪَلاڙَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 18 ]
جِتِ کُورا ماڳَ، مَٽَ ڪُٽِڪا ڪَٽَ گَهڻا،
لاھي ويھُ مَ لاڳَ، موکِي مَتارَنِ جا
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 26 ]
لاھي ويھُ مَ لاڳَ، موکِي مَتارَنِ جا
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 26 ]
ماڻڪَنِ ڀَرِيا مَٽَ، ڪَٽِجِي ڪارا ٿِئا،
تان نَہ اُپَٽِئا ھَٽَ، جان غِراقُ نَہ گَڏِجي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 16 ]
تان نَہ اُپَٽِئا ھَٽَ، جان غِراقُ نَہ گَڏِجي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 16 ]
جَنِي گهَرِ گَهٽَ مَٽَ، سَرلي سُونھَنِ سي،
جٖي ھُيون وانڍِيُون وَرَنِ ري، تَنِ کي مِينھَنِ سَڄَڻَ ميڙِئا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 9 ]
جٖي ھُيون وانڍِيُون وَرَنِ ري، تَنِ کي مِينھَنِ سَڄَڻَ ميڙِئا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 9 ]
مَنڌِيءَ مَٽَ گُڙَنِ، وَڳَ نَہ پَسان وَٽِ ۾،
آيَلِ سَنگهارَنِ، جيڪُسِ چِٽاڻُو چِتِ ڪِئو.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 12 ]
آيَلِ سَنگهارَنِ، جيڪُسِ چِٽاڻُو چِتِ ڪِئو.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 12 ]
English Meaning
In every vessel. (pitcher)
مَٽَ مَٽَ ٻول جا زمرا