مَٽَنِ جي سنڌي معنيٰ
شراب ٺاھڻ لاءِ وڏا گهڙا، ٺڪر جا پاڻيءَ وجهڻ لاءِ وڏا ٿانءَ. ماٽُورا، مٽڪا. ٽامي جي ۽ ٺِڪر جي ماٽي ( جنھن تي چڙهي ميربحر پلا مارين).
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Large earthen vessels.
مَٽَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ناڻَي ناھِ ڪَڪُوھُ، مُلِهہ مَھانگو مَندُ،
سَنباھيجِ سَيِّدُ چئَي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 24 ]
سَنباھيجِ سَيِّدُ چئَي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 24 ]
جِهڄان پَسِئو جهوڪَ، آيَلِ سَنگهارَنِ جِي،
جَنِ ٿي پَھِيين پِيارئو، مَنجهان مَٽَنِ موڪَ،
لَڏي وِچان لوڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 10 ]
جَنِ ٿي پَھِيين پِيارئو، مَنجهان مَٽَنِ موڪَ،
لَڏي وِچان لوڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 10 ]
راڻا پَسان نَہ راڄَ ۾، ھُئِي جَنِي ھاڪَ،
مَحلي مِيرَ مُقِيمَ جي، مَٽَنِ اُٺِي ماڪَ،
ھُو جٖي پِرھَ پِياڪَ، سي لوڊي وَڃَنِ لَڏِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 17 ]
مَحلي مِيرَ مُقِيمَ جي، مَٽَنِ اُٺِي ماڪَ،
ھُو جٖي پِرھَ پِياڪَ، سي لوڊي وَڃَنِ لَڏِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 17 ]
English Meaning
Large earthen vessels.