مَٽَنِ بابت
معنيٰ
شراب ٺاھڻ لاءِ وڏا گهڙا، ٺڪر جا پاڻيءَ وجهڻ لاءِ وڏا ٿانءَ. ماٽُورا، مٽڪا. ٽامي جي ۽ ٺِڪر جي ماٽي ( جنھن تي چڙهي ميربحر پلا مارين).
Large earthen vessels.

بيتن ۽ وائين ۾
- ناڻَي ناھِ ڪَڪُوھُ، مُلِهہ مَھانگو مَندُ، سَنباھيجِ سَيِّدُ چئَي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- راڻا پَسان نَہ راڄَ ۾، ھُئِي جَنِي ھاڪَ، مَحلي مِيرَ مُقِيمَ جي، مَٽَنِ اُٺِي ماڪَ، ھُو جٖي پِرھَ پِياڪَ، سي…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- جِهڄان پَسِئو جهوڪَ، آيَلِ سَنگهارَنِ جِي، جَنِ ٿي پَھِيين پِيارِئو، مَنجهان مَٽَنِ موڪَ، لَڏي وِچان لوڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]