مَوجُودُ بابت
معنيٰ
حاضر، گڏگڏ، جيڪو ساڻ ھجي
Present, forthcoming, at hand.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئُون اَسُونھِين آھِيان. ماڻُهنِ جي موٽَڻَ جو، سائِينءَ ھَٿِ سُجُودُ، جيلاھَ رَسِئا بُودَ کي، تيلاھَ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- مُٺِي ٿِي مُدَعا گهُري، مَوتُ ٿِئو مَوجُودُ، اَچين تَہ اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ، جيڪي ني وُجُودُ، جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- پَسِي پاٺُ پُرَ ٿِئو، سَندو جادَمَ جُودُ، مَڱَ وِھاڻِيءَ مَڱڻا، مَٿو ھِينئَرَ مَوجُودُ، بَلڪِ آھي بُودُ، ناقِصِي نابُودَ ۾.[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- پُورِيءَ ٽِيھَن پِرِينءَ سين، ٿِئا مِڙيئِي مَوجُودُ، نِسوروئي نانھِن جو، سامِي ڪَنِ سُجُودُ، لاطَماعُنِ لاھُوتَ ۾، وِڃايو وُجُودُ، سِڪَ مَنجهان…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]