مَصلِحَتَ بابت
معنيٰ
نيڪ صلاح، نيڪ مشورو، مناسب تجويز. صلاح، مَت، مشورت، ڳڻت. اُپاءُ، وجھ، تجويز، بِلو، اَٽڪل، ٽَل. حِڪمت علمي، نيتي، تدبير، جترائي، سياڻپ، ڏاهپ. خوبي، چڱائي، ڀلائي، نيڪي، عمدگي.
Expedience, usefulness, convenience, advisability, prudence, policy, diplomacy, prudent measure, good thing.
بيتن ۽ وائين ۾
- موٽَڻَ جِي مَصلِحَتَ، مُون کي ڏِيو مَ جيڏِيُون، نِھارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، آرِياڻِي اَلبَتَ، ڪِندِيَسِ اوٽَ اُنِ جِي، لَڪَنِ ڏيئِي لَتَ، سَرَتِيُون…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ريءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، ھِتِ قَصرِ ڪِينَ اَچَنِ، نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ، خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]