مَصلِحَتَ جي سنڌي معنيٰ
نيڪ صلاح، نيڪ مشورو، مناسب تجويز. صلاح، مَت، مشورت، ڳڻت. اُپاءُ، وجھ، تجويز، بِلو، اَٽڪل، ٽَل. حِڪمت علمي، نيتي، تدبير، جترائي، سياڻپ، ڏاهپ. خوبي، چڱائي، ڀلائي، نيڪي، عمدگي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Expedience, usefulness, convenience, advisability, prudence, policy, diplomacy, prudent measure, good thing.
مَصلِحَتَ جا بيتن ۾ حوالا
موٽَڻَ جِي مَصلِحَتَ، مُون کي ڏِيو مَ جيڏِيُون،
نِھارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، آرِياڻِي اَلبَتَ،
ڪِندِيَسِ اوٽَ اُنِ جِي، لَڪَنِ ڏيئِي لَتَ،
سَرَتِيُون شَرِيڪَتَ، آئُون ڪِيئَن آگَنِ سين ڪَرِيان.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 24 ]
نِھارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، آرِياڻِي اَلبَتَ،
ڪِندِيَسِ اوٽَ اُنِ جِي، لَڪَنِ ڏيئِي لَتَ،
سَرَتِيُون شَرِيڪَتَ، آئُون ڪِيئَن آگَنِ سين ڪَرِيان.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 24 ]
ريءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، ھِتِ قَصرِ ڪِينَ اَچَنِ،
نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ،
خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏانَ ڏِسَنِ،
تيلاھَ مُلڪَ ڌَڻِيَنِ، مَڃِئو مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 14 ]