مَخفِي بابت
معنيٰ
ڳُجهو، پوشيدو، لِڪل، خفيا، اولائتو، نامعلوم.
Secret, hidden, coded, unknown, cipher.
بيتن ۽ وائين ۾
- نااُميديءَ جي نِجُهري، پيھِي پُڇُ اللهُ، چِٽو رَبِي راھُ، پَرَ مُرادُنِ مَخفِي ڪِئو.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، آرِيچا اَظِلامَ، آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ، پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ، سَنڀُوڙا…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- نااُميدِيءَ جي نِجُهري، پيھِي پُڇُ اللهُ، چِٽو رَبِي راھُ، پَرَ مُرادُنِ مَخفِي ڪِئو.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- نابُودِيءَ نيئِي، عَبدَ کي اَعليٰ ڪِئو، جي مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِئا، صُورَتَ پُڻ سيئِي، ڪِبِي اِتِ ڪيھِي، ڳالِهہ پِريان جي…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]