مَخفِي جي سنڌي معنيٰ
ڳُجهو، پوشيدو، لِڪل، خفيا، اولائتو، نامعلوم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Secret, hidden, coded, unknown, cipher.
مَخفِي جا بيتن ۾ حوالا
نااُميديءَ جي نِجُهري، پيھِي پُڇُ اللهُ،
چِٽو رَبِي راھُ، پَرَ مُرادُنِ مَخفِي ڪِئو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 15 ]

وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، آرِيچا اَظِلامَ،
آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ،
پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ،
سَنڀُوڙا ساٿُ کَڻِي، ويساھي وَرِيامَ،
ڪاڪِيُون راتِ قِيامَ، جيڏِيُون جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 1 ]

نااُميدِيءَ جي نِجُهري، پيھِي پُڇُ اللهُ،
چِٽو رَبِي راھُ، پَرَ مُرادُنِ مَخفِي ڪِئو.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 21 ]

نابُودِيءَ نيئِي، عَبدَ کي اَعليٰ ڪِئو،
جي مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِئا، صُورَتَ پُڻ سيئِي،
ڪِبِي اِتِ ڪيھِي، ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 26 ]