ماھِيَتَ بابت
معنيٰ
حقيقت، ماهيت. اصلي مادو، حقيقي وجود، اصل. اصليت جي ڄاڻ، پروڙ، خبر، سُڌ، سماءُ، ڪُلَ، گَمَ، سَمڪ. وديا، گيان، علم. جوهر، مغز، تَتُ،سار، مول، مايو. حالت، ڪيفيت، صورت، روداد، دَشا. حال، حال جي حقيقت.
Reality, essence. Original substance, real existence, origin. Knowledge of origin, Condition, quality, appearance, mood, Present, present reality.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو پِئو ڀُرِي، سارَ ڇَڏِيائُون سِيرَ ۾، ڪا ٻانھُنِ کي ٻُرِي، لَٽي لَهرِيُون وييُون، چَوڌارِي چُرِي،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو پِئو ڀَڄِي، ماھِيَتَ مَلَڪُ الَموتَ جِي، مَنجِهہ وُجُودَ وَڄِي، ساھَڙَ کي سَڄِي، آکي جي اَحوالَ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]