ماھِيَتَ جي سنڌي معنيٰ
حقيقت، ماهيت. اصلي مادو، حقيقي وجود، اصل. اصليت جي ڄاڻ، پروڙ، خبر، سُڌ، سماءُ، ڪُلَ، گَمَ، سَمڪ. وديا، گيان، علم. جوهر، مغز، تَتُ،سار، مول، مايو. حالت، ڪيفيت، صورت، روداد، دَشا. حال، حال جي حقيقت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Reality, essence. Original substance, real existence, origin. Knowledge of origin, Condition, quality, appearance, mood, Present, present reality.
ماھِيَتَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو پِئو ڀُرِي،
سارَ ڇَڏِيائُون سِيرَ ۾، ڪا ٻانھُنِ کي ٻُرِي،
لَٽي لَهرِيُون وييُون، چَوڌارِي چُرِي،
ھِينئَڙي مَنجِهہ ھُرِي، ماھِيَتَ مَلَڪُ الَموتَ جِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 15 ]
سارَ ڇَڏِيائُون سِيرَ ۾، ڪا ٻانھُنِ کي ٻُرِي،
لَٽي لَهرِيُون وييُون، چَوڌارِي چُرِي،
ھِينئَڙي مَنجِهہ ھُرِي، ماھِيَتَ مَلَڪُ الَموتَ جِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 15 ]
ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو پِئو ڀَڄِي،
ماھِيَتَ مَلَڪُ الَموتَ جِي، مَنجِهہ وُجُودَ وَڄِي،
ساھَڙَ کي سَڄِي، آکي جي اَحوالَ جِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 16 ]