لِڪُ بابت
معنيٰ
لِڪي وڃ، ڇُپ، گُم ٿي وڃ، روپوش ٿي، پوشيدو ٿي، ڳجهو رھ.
Hide, conceal.
بيتن ۽ وائين ۾
- جيڪي سِڪَڻُ سِکُ، نان تَہ پَسُ سِڪَندِيُون، پاسي تَنِ مَ لِڪُ نِينھُن نَہ سُڃاڻَنِ جي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- سِڪَ سِڪائي سِکُ، سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي، لِڪَ لِڪوٽِيءَ لِڪُ، تَہ خَبَرَ ٿِئي نَہ کَرَنِ کي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- ڪُوڙو تُون ڪُفُرَ سين، ڪافِرُ مَ ڪوٺاءِ، ھِندُو ھَڏِ نَہ آھِين، جَڻِيُو تو نَہ جُڳاءِ، تِلِڪُ تَنِي لاءِ، سَچا جي…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]