لُکَ بابت
معنيٰ
ڳڻتي، ڏک، فڪر، ماندائي، درماندگي، انتظار.
Worry, worrisome. Wait, anxiety.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏِنا جِيئَڻَ لاءِ جيڏِيُون، ڏيرَنِ مُون کي ڏُکَ، ڀَڳِيَسِ جان ڀَنڀورَ کان، سُورَ مِڙيئِي سُکَ، لَٿِي مُون تان لُکَ، پُنهون…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي، تِيئَن جَي پُڇَنِ اللهُ، رِڙِھي لَڌائُون راھُ، لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چئَي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي، تِيئَن جي پُڇَنِ پَنڌُ، رِڙھِي لَڌائُون، رَندُ، لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چئَي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- تَڙِ تَماچِي آيو، سَڀَتِ ٿِي صَلاحَ، مورُ مَرَڪِي ھَلِئو، سَندو راڻِنِ راءُ، لَٿِي لُکَ لَطِيفُ چئَي، ڪِئو شَمسَ شُعاعُ، پِيڙِھِيءَ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]