لُڇَنِ بابت
معنيٰ
ڦَٿِڪَن، بي آرامي ٿين، بيقرار ٿين، سُورَ کان بي تاب ٿين، دانھون ڪن، پچن،کامن، وِلوڙجن، ڇاڇولجن، لَڦڪن، تڙپن.
The being tossed about or disturbed by any pain, by grief, anger etc. inquietude, disquiet, uneasiness.
بيتن ۽ وائين ۾
- رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ، سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ ۾، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ، وَٽان…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون، جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا، ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڀُلِيُون ڪوھُ پُڇَنِ، پَرَ پُٺِ پِيرُ پُنهونءَ جو، لَهسِيُون ٿِيُون لُڇَنِ، ڏٺو جَنِ اَکِينِ سين.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- سوڍا شَرَمُ جَنِ، موٽِي آيو مُنھَن ۾، سي لَڄايُون لُڇَنِ، پَسِئو عَيبَ اَڳِيان.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]