لَھَرِ بابت
معنيٰ
درياءَ جي موج، جُنبش آب، ڇولي، لوڏ. وڏي لَھَر، آڇارو. تلاطم. موج، اُمنگ، جذبہ دل، شوق دل.
Wave, tide, impulse, emotion, feeling, passion.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُتين ڪِھَڙِي سارَ، وِڄُ کِوَندَيِئِي ويسَرا، تو جيڏا تو يارَ، لَھَرِ لَھِوارا ڪِئا.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو تارُو تَنھِن ۾، ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ، طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- لَھَرِ مِڙيوئِي لالُ، وِھَڻُ کَٿُورِيان وِتَرو، اوٻارا عَنبِيرَ جا، جَرَ ۾ اَچَنِ جالَ، ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَهہ، سِڪَ پِريان جي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- جُنگَ نِھاري جَوھَرِي، دانا دوسِتَ ڪِجَنِ، ھِھَڙِيءَ ھُھَڙِيءَ لَھَرِ نَہ لُڏِڻا، ڌَرتِيءَ جِيئَن نَہ ڌُٻَنِ، اُونِهي ڪُنَ عَمِيقَ جِيئَن، تانگهَہ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]