لَھَرِ جي سنڌي معنيٰ
درياءَ جي موج، جُنبش آب، ڇولي، لوڏ. وڏي لَھَر، آڇارو. تلاطم. موج، اُمنگ، جذبہ دل، شوق دل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wave, tide, impulse, emotion, feeling, passion.
لَھَرِ جا بيتن ۾ حوالا
سُتين ڪِھَڙِي سارَ، وِڄُ کِوَندَيِئِي ويسَرا،
تو جيڏا تو يارَ، لَھَرِ لَھِوارا ڪِئا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 11 ]
تو جيڏا تو يارَ، لَھَرِ لَھِوارا ڪِئا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 11 ]
دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو تارُو تَنھِن ۾،
ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ،
طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 6 ]
ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ،
طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 6 ]
جُنگَ نِھاري جَوھَرِي، دانا دوسِتَ ڪِجَنِ،
ھِھَڙِيءَ ھُھَڙِيءَ لَھَرِ نَہ لُڏِڻا، ڌَرتِيءَ جِيئَن نَہ ڌُٻَنِ،
اُونِهي ڪُنَ عَمِيقَ جِيئَن، تانگهَہ نَہ اَچي تَنِ،
سَڄَڻَ سوني ھارَ جِيئَن، وَرھين نَہ وِلٽَنِ،
پَڪا پِرِين ڪِجَنِ، ڪَچَنِ مان ڪِينَ ٿِيي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 8 ]

لَھَرِ مِڙيوئِي لالُ، وِھَڻُ کَٿُورِيان وِتَرو،
اوٻارا عَنبِيرَ جا، جَرَ ۾ اَچَنِ جالَ،
ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَهہ، سِڪَ پِريان جي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 23 ]
اوٻارا عَنبِيرَ جا، جَرَ ۾ اَچَنِ جالَ،
ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَهہ، سِڪَ پِريان جي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 23 ]
English Meaning
Wave, tide, impulse, emotion, feeling, passion.