لاڙائُو بابت
معنيٰ
لھندڙ، لڙندڙ، لاڙو ڪندڙ، ڍرندڙ. مُڙڻو، موڙائتو، گهٽجندڙ، گهٽندڙ، پوئتي پوندڙ. گهٽائيندڙ، سُسائيندڙ، لاھيندڙ، هيٺ ڪندڙ.
That which descends or lessens. One who shirks, or falls back.
بيتن ۽ وائين ۾
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَٿَ، سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ، سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، گُهتُون گوھِيُون ڇَڏِ، لَڏو لاھِ مَ لَڏِ، تَہ ڳاڙهي سِجِ ڳالِهہ مِڙين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، لاھِ مَ لَڏو لَڏِ، ساٿَ پِريان جي سَڏِ، تَہ مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، وَرَ چُونڊِيندِي وَڃُ، آھي اِي اُھُڃُ، ھاڙھي ھَلَندِيُنِ جو.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، موڙي مَرُ مَ پيرُ، آرِيءَ لَيءِ اُليرُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]