قَدَمَ بابت
معنيٰ
وکون، ورانگهون، ٻرانگهون، ٻرانگون، ٻلانگهون. پير، پڳ، چَرَن. گام، رفتار. پنڌ، ٽور، روش، هلڻي، پنڌ ۾ ٻنهي پيرن جي وچ وارو مفاصلو.
Feet, steps, paces, actions.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا، سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ، ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ…[ سُر سارنگ - وايون ]
- ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِئو، ڀِنِيءَ ويھِي ڀانَ، راجا رَتولَنِ ۾، سِيباڻو سُلطانَ، آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، مُقابِل مَيدانَ، گهورِيا لَکَ لَطِيفُ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- وارو ويراڳِيَنِ کي، ويلَ مَ وِساريجِ، قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لالائي لَھيجِ، پَيرَتِ پَسِئو پَٿَ جِي، وَڃَڻَ کي وَڃيجِ، راتو ڏِينھَن…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لَڳا ۾ لاھُوتَ، جَنِي سين ياقُوتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جٖي وِڪامي پَدَمَ، سَمُو دَمَ قَدَمَ ، ٿو جالَ پِياري جَکِرو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]